سهڻي پبليڪيشن

سهڻي پبليڪيشن: فبروري 1966ع ۾ نامور اديب ۽ پبلشر طارق اشرف ’اداره ادبِ نو‘ ختم ڪري، ’سهڻي ڪتابي سلسلو‘ جاري ڪيو ۽ ماهوار سهڻي مخزن لاءِ ڊڪليريشن جو فارم ڀريو، جيڪو سرڪار منظور نه ڪيو، جنهنڪري سهڻي ڪتابي سلسلي شايع ڪرڻ جو اهتمام ڪيو ويو ۽ ان ڪتابي سلسلي جي مرتبن ۾ طارق اشرف سان گڏ غلام نبي مغل، نظير شيخ ۽ منظور قريشي شامل هئا. ڪجهه وقت کانپوءِ غلام نبي مغل ۽ منظور قريشي ڪن مجبورين سبب ’سهڻيءَ‘ کان ڌار ٿي ويا ۽ نظير شيخ جو ساٿ طارق اشرف سان ٻارهين نمبر ڪتابي سلسلي تائين رهيو ۽ بعد ۾ هن کي به ڪن مجبورين هيٺ سهڻيءَ جو ساٿ ڇڏڻو پيو. جڏهن ته ناميارو ڪهاڻيڪار نسيم کرل يارهين ڪتاب کان ۽ ظفر حسن ٻارهين ڪتاب کان ’سهڻي‘ سٿ ۾ طارق اشرف سان شامل رهيا. جڏهن سهڻي ڪتابي سلسلي جا 17 ڪتاب نڪري چڪا ۽ سهڻيءَ سنڌي ادب ۾ اوچو مقام پيدا ڪري ورتو، تڏهن حڪومت ڪيترن ڪتابي سلسلن سان گڏ سهڻيءَ تي به پابندي وڌي. طارق اشرف نئون ڊڪليريشن ڀريو، پر ايوبي دور ۾ ڊڪليريشن نه ملي سگهيو. ڪتابي سلسلي تي پابنديءَ کانپوءِ، ’سهڻي پبليڪيشن‘ قائم ڪئي وئي، جنهن تحت ڇهه ڪتاب نڪتا. اهڙيءَ طرح ڊسمبر 1969ع تائين سهڻي ڪتابي سلسلي ۽ سهڻي پبليڪيشن جا 23 ڪتاب نڪتا. ان کانسواءِ هن پبليڪيشن ٻين اديبن جا پڻ ڪتاب ڇپيا، جن ۾ رسول بخش پليجي، غلام نبي مغل، الطاف شيخ ۽ ولي رام ولڀ وغيره جا ڪتاب شامل هئا. 1971ع ۾ ’سهڻي پبليڪيشن‘ کي ڊڪليريشن ملڻ بعد ماهوار ’سهڻي‘ جو اجراءِ ٿيو ۽ ماهوار سهڻي رسالي ٿوري عرصي اندر سنڌ ۽ هند ۾ وڏي مقبوليت حاصل ڪري ورتي ۽ ان سان سنڌ ۽ هند جي اڪثر برک اديبن جو پورو پورو ساٿ رهيو. گڏوگڏ ماهوار سهڻيءَ جي سائيز (ڊيمي) ايتري ته مقبول ٿي، جو سهڻيءَ کانپوءِ ڪيترا ڪتابي سلسلا ان سائيز ۾ نڪتا. ڀارت جي مشهور ادبي مخزنن: ڪونج ۽ ساهت ڌارا به اصلي سائيز ڇڏي سهڻيءَ واري سائيز ۾ نڪرڻ لڳيون. جڏهن ٻيو ڀيرو سهڻيءَ ۾ امر جليل ۽ موهن ڪلپنا جي ڪهاڻين ڇپجڻ تي پابندي پئي ته طارق اشرف سهڻي رسالي جي ساڳيءَ سائيز ۽ ترتيب سان تخليق پبليڪيشن جاري ڪري، اُن جا ڪجهه خاص پرچا شايع ڪيا.
سهڻي پبليڪيشن جو ٻيو دور مارچ 1989ع کان شروع ٿيو، جنهن ۾ ’سهڻي‘ رسالي جي سائيز ڊبل ڪرائون ڪئي وئي ۽ هن سائيز وارو رسالو، طارق اشرف جي وفات تائين جاري رهيو.
سهڻي پرنٽرس: 1960ع جي ڏهاڪي ۾، طارق اشرف ۽ غلام نبي مغل، کوکر پاڙي حيدرآباد ۾ هڪ پرنٽنگ پريس جو بنياد رکيو. انهيءَ سان گڏ ’اداره ادبِ نو‘ پڻ قائم ڪيو. هن اداري جو پهريون ادبي ڪتاب ’پهريون قدم‘ جي نالي سان نڪتو، جنهن جي ڇپائي، جمالي پرنٽنگ پريس حيدرآباد ۾ ٿيندي هئي. پوءِ ’سهڻي پرنٽرس پريس‘ جڏهن ڇپائيءَ لاءِ تيار ٿي وئي ته ڪهاڻين جو ٻيو ڪتاب ’ٻيو قدم‘ نالي ڇپجي منظر عام تي آندو ويو. ان کانپوءِ غلام نبي مغل ۽ طارق اشرف جي ڪهاڻين جو گڏيل ڪتاب: ’نئون شهر‘ ۽ ’سونهن، پٿر ۽ پيار‘ هڪ ئي جلد ۾ ڇپجي پڌرو ٿيو. انهيءَ ساڳئي عرصي ۾ غلام نبي مغل جو ترجمو ٿيل فرينچ ليکڪ پيري لوئيءَ جو ناوليٽ ’عورت ۽ پيار‘ ۽ شمشير الحيدريءَ جي شعرن جو مجموعو ’لاٽ‘ (1962ع) پڻ شايع ٿيا. ان وچ ۾ سنڌ جي نامور اديب ۽ ڪهاڻيڪار ظفر حسن پڻ سهڻي پريس جي ڪافي مالي مدد ڪئي ۽ ان جي ڇپائيءَ ۾ ساٿ ڏنو. 1975ع ۾ سنڌ حڪومت جيڪي 72 سنڌي ڪتاب، رسالا ۽ پريسون بند ڪيون، تن ۾ ’سهڻي پرنٽرس‘ به شامل هئي. 1978ع ۾ هن پريس وري پنهنجو ڪم شروع ڪيو ۽ 1992ع ۾ طارق اشرف جي بي وقتي وفات کانپوءِ بند ٿي وئي، جيڪا اڳتي هلي طارق اشرف جي فرزند دانيال طارق ٻيهر جاري ڪئي ۽ اڄ ڏينهن تائين ’سهڻي پرنٽرس‘ جو نالو قائم آهي. هيءَ پريس کوکر پاڙي، حيدرآباد ۾ موجود آهي.


لفظ سهڻي پبليڪيشنھيٺين داخلائن ۾ پڻ استعمال ٿيل آھي
هن صفحي کي شيئر ڪريو